اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان قائم قديم آثار ليلا جا آتڻ واري معاملي تي نيٺ سرڪار ۽آرڪيالاجي کاتو جاڳي پيو، سرڪار پاران تاريخي ماڳ جي سروي ڪرائي آثار جي حدن جا نشان چٽا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر آرڪيالاجي غلام حسن بڙدي ٻڌايو ته ليلا جا آتڻ تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ليلا جا آتڻ تي اڄ ڪلچر ۽ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ اعليٰ اختيارن ۽ روينيو عملدارن جي ٽيم جي مدد سان تاريخي ماڳ تي پهچي ماپ ڪري نشان هڻي ماڳ جون حدون طئي ڪندي، ٻي طرف قديمي ماڳ تي آثار قديم جا ماهر ۽ ماڳ بچايو ڪميٽي جا نمائندا پروفيسر غلام مصطفيٰ شر، ايڊووڪيٽ راجا الطاف شر، شاز خادم ۽ ٻيا پهتا، جتي هنن تاريخي ماڳ جو معائنو ڪرڻ بعد ڳالهائيندي ٻڌايو ته ماڳ جي حدن کي واضح ڪرڻ لاءِ سروي کان اڳ پهتا آهيون ته جيئن سرڪار پاران مقرر ڪيل سروي ٽيم ماپ ڪري حدون واضح ڪري سگهي، هنن چيو ته معائني دوران ماڳ جي اوڀر ۽ اتر پاسن کان پڻ هڪ ميساريل شهر جا نشان مليا آهن، اڄ ڪافي نوادرات پڻ مليون آهن، ماڳ جي اوڀر طرف ميساريل گهرن جي ڀتين جا نشان به واضح آهن، جنهن ڪري لڳي ٿو ته هن حصي ۾ پهرين حصي کان به وڏو شهر دفن ٿيل آهي، جتان اڄوڪي معائني دوران لوهه جي ٽڪرن، سڪن، قيمتي پٿرن سميت ٻين نوارداتن سان گڏ ميسارجي ويل گهرن جا نشان پڻ ظاهر ٿيا آهن، جنهن جي کوٽائي ٿيڻ بعد وڌيڪ ڄاڻ پوندي، هنن چيو ته سرڪار پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته ماڳ واري زمين جي حد بندي بعد جلد ماهرن جي نگراني هيٺ کوٽائي شروع ڪرائي ويندي.