ڪنري (ن پ ا) سنڌ حڪومت جي ھيومن رائيٽس کاتي جي جوڙيل فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ايوب کوسو، طارق خٽڪ، سمترا منجياڻي، نورجھان گيھلڙو ۽ ٻين ڪنري تعلقي ۾ سرن جي بٺن جو دورو ڪيو، ٽيم سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن، عورتن ۽ ٻارن کان ڪم ڪار، تعليم، اجرت، صحت جي  سھولتن سميت مختلف معاملن بابت ڳالھه ٻولھه ڪئي، ان موقعي تي ڪاميٽي چيئرمين ڳالھائيندي چيو ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي سرن جي بٺن جا دورا ڪري اتان جي مزدورن سان ڳالھيون ۽ حال احوال وٺي رھيا آھيون، ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ معصوم ٻار به شامل آھن، مزدورن کي ملندڙ اجرت، صحت جون سھولتن، تعليم سميت ٻين معاملن بابت ڄاڻ ورتي آھي، ڪيل دورن مان ڄاڻ پئي آھي ته سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدور بٺن مالڪن جا قرضي آھن، رپورٽ ٺاھي اختيارين کي اماڻي ويندي.