سجاول (رپورٽر) سجاول ويجھو ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سجاول لڳ بدين باءِ پاس چوراھي تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ کير وڪڻندڙ 55 سالن جو لونگ ڪوچاريو فوت ٿي ويو. موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھڻندڙ ڊرائيور ڊمپر سميت  فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. فوتي جي مڙهه کي اسپتال پھچايو ويو.