بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن ثابت، هيڊ پوسٽ ماسٽر سوڌو 4 ڄڻن کي قيد جي سزا

0
454

حيدرآباد(ن پ ا) اينٽي ڪرپشن سينٽرل ڪورٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جنرل پوسٽ آفيس جيڪب آباد جي هيڊ پوسٽ ماسٽر سميت 4 ملازمن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت جوابدار هيڊ پوسٽ ماسٽر جان محمد کي 3 سال قيد 22 لک 89 هزار 600 رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت فيصلي موجب مني آرڊر پيڊ ڪلارڪ محمد شعبان 3 سال قيد سان گڏ 11 لک 44 هزار 800 رپيا ڏنڊ ادا ڪندو.

سيل انچارج احمد نواز بروهي 3 سال قيد سان گڏ 5 لک 67 هزار 400 رپيا ڏنڊ ڀريندو، جڏهن ته عدالت اسڪيننگ ڪلارڪ نزاڪت علي کي به ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد ۽ 5 لک 72 هزار 400 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

ايف آءِ اي سکر 24 سيپٽمبر 2013ع ۾ جي پي او جيڪب آباد ۾ مبينا ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو هو، جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر ذيشان شيخ ڪيس ۾ ڄاڻايو ته سينيئر پوسٽ ماسٽر رائو امين 20 سيپٽمبر 2011ع کان 19 اپريل 2012ع تائين آيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم 70 لک 24 هزار رپيا مستحق عورتن کي ڏيڻ بدران پاڻ هڙپ ڪئي.