گمبٽ (رپورٽ) گمبٽ جي بيمار سينئر صحافي نديم اڄڻ جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو، سينئر صحافي زندگي ۽ موت جي ٻِه واٽي تي بيٺل، گمس سٽي اسپتال ۾ علاج شروع نه ٿي سگهيو. تفصيل موجب گمبٽ جي بيمار سينئر صحافي نديم اڄڻ جي طبيعت بهتر نه ٿي سگهي. بيماري سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ٻئي پاسي انفارميشن آفيسر سکر ساجد شاهه سنڌ جي وزيراطلاعات جي حڪم تي سينيئر صحافي نديم اڄڻ جي والده کي 50 هزار رپيا مالي سهائتا طور ڏنا. ان سلسلي ۾ انفارميشن آفيسر سکر ساجد شاهه ٻڌايو ته اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سيڪريٽري انفارميشن اعجاز حسين بلوچ گمبٽ جي سينئر صحافي نديم اجڻ جي بيماري ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ واري خبر جو نوٽس وٺندي ڊائريڪٽرجنرل غلام ثقلين ۽ ڊائريڪٽرانفارميشن سکر جهانگير ابڙو کي هدايت ڪئي ته صحافي نديم اڄڻ جي علاج معالجي لاءِ مالي مدد ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ انفارميشن آفيسر سيد ساجد حسين شاهه گمس سٽي اسپتال گمبٽ پهچي بيمارصحافي نديم اجڻ جي امڙ مسمات مٺڻ ۽ ڌيءَ آمنه کي 50 هزاررپيا روڪ ڏنا. هوڏانهن سينئر صحافي جي امڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين جو چوڻ هو ته نديم اڄڻ جو بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري گذريل 6 مهينن کان بيهوشي واري حالت ۾ آهي. هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جو بهتر علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.