دادو ( رپورٽر ) ضلع ڪائونسل دادو جي معذور فوتي ملازم محمد علي قمبراڻي جي نابين زال بصران ۽ معذور نياڻين کي 8 مهينا گذرڻ باوجود مراعتون نه ڏيڻ پنهنجي اخبار رپورٽ شايع ٿيڻ بعد سيڪريٽري لوڪل گورمنٽ پاران سخت نوٽيس وٺڻ کانپوء فوتي ملازم جي بيوھ مسمات بصران کي پينشن ۽ ڪميونيٽيشن جي مند 6 لک 30 هزار جاري ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ مسمات بصران ۽ سندس معذور ڌيئرن صائمه ۽ عاصمه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته 8 مهينن تائين اسان آفيس جا چڪر ڪاٽيا ۽ 10 هزار رشوت ڏيڻ باوجود حق نه پئي پر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ رپورٽ شايع ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن تي مونکي 6 لک 30 هزار جو چيڪ ڏنو ويو آهي