شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) بلوچستان جي ڳوٺ باريجا ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻي نادر کوسو جو  6 سال جو  معصوم پٽ ساحل  کوسو گيسٽرول وگهي فوت ٿي ويو، صدمي ۾سندس 8 سال جو ڀاءُ سھيل به فوت ٿي ويو.ايس ايچ او ليويز باريجا رابطي ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ڳوٺاڻي نادر کوسو جو 6 سالن جو پٽ ساحل گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو گهر ۾ روڄ راڙو ٻڌي صدمي ۾ سندس ڀاءُ 8 سال جو سھيل کوسو پڻ فوت ٿي ويو آهي ٻوڏ متاثر ٿيل ڳوٺن ۾ بلوچستان جي صحت کاتي جي عملدارن پاران ٻوڏ متاثرن جي علاج خاطر ڪي به اپاءَ نه ورتا ۽ نه وري ڪئمپون قائم ڪيون ويو آهن.