خيرپور/ فيض گنج (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو/ رياض سولنگي) خيرپور ۽ فيض گنج تعلقي ۾گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪري وئي، هڪ ئي ڏينهن اندر 3 ٻارڙا فوت، 5 ڄڻن جي حالت نازڪ، 24 ڪلاڪن اندر گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 45 ٻارڙن کي سٽي  اسپتال خيرپور داخل ڪيو. تفصيلي رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن پڪا چانگ، ڀنگو بهڻ، اڪري چودڳي، حسين پاتو، ڪوٽ لالو، ڪنڊياري، امن چودڳي، رضا آباد ۽ ڀرپاسي گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪري وئي. گذريل ڏينهن ڳوٺ سونو مجيداڻو ۾ چئن ورهين شڪيلا، 6 ورهين جي تهمينا مجيداڻو ۽ ڳوٺ حسين پاتو ۾ پنهنجي اخبار جي هاڪر پيرل راڄپر جو ڀائٽيو 6 ورهين جو امير معاويه ولد تحسين راڄپر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا. ان کان علاوه آمنا بي بي ڌيءُ غلام حسين ، عاقب  ولد عبدالستار، شاھد حسين، ساجد، وقار، فھد حسين، امداد علي، حليمان، آصفه سميت 15 کان وڌيڪ معصوم ٻار گيسٽرو ۾ ورتل آهن، جن ۾ 5 ٻارن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. واضح رهي ته ڳوٺ سونو خان مجيداڻو ۾ چار ڏينهن اڳ نينگري مريم به گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي هئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايچ او خيرپور رحمت الله سولنگي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ تي متاثر ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون آهن. هوڏانهن خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض ۾ ورتل ٻارن کي اسپتال داخل ڪرڻ جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 45 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جن ۾ حسن، سعديه، مومن، خديجه، ڪنيز، عبدالجبار، مدثر، عبدالمنان، تسڪين عباس، عليشا، جواد، آسيه، انيس ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن وڏي انگ ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارن جي اسپتال داخل ٿيڻ سبب بيڊن جي کوٽ برقرار آهي، هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽن ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي.