جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد واسي دوستن سان قلعه سيف الله ڀرسان المناڪ حادثو، ڪوچ ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ 5 دوست اجل جو شڪار، حادثي جي اطلاع تي فوتين جي گھر ۾ ڪھرام، خبر موجب جيڪب آباد واسي دوستن جي ڪار بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ڀرسان لورالائي روڊ تي گڙنگ وٽ مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 دوست عابد علي ڏنگر، رياض پٺاڻ، نياز سولنگي، احمد علي پنھيار ۽ سعيد احمد چاچڙ چيپاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، حادثي جي اطلاع تي ايڌي رضاڪارن پهچي ايمبولينس تي پنجن ئي دوستن جا لاش کڻائي قلعه سيف الله جي اسپتال منتقل ڪيا، حادثي جو اطلاع فوتين جي گھرن ۾ پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته فوتين جا وارث پنهنجي پيارن جا لاش کڻڻ لاءِ قلعه سيف الله روانا ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان عابد علي ڏنگر جي ڀاءُ سھيل ڏنگر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاءُ پنهنجي ٻين دوستن سان گڏ چار ڏينهن اڳ ڪوئيٽا گھمڻ ويو هو، هن ٻڌايو ته ڀاءُ هڪ نجي بسڪيٽ ڪمپني ۾ سيلز آفيسر طور ڪم ڪندو هو، ٻه ٻيا دوست به ساڳي ئي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا ھئا، هن چيو ته حادثي واري ڏينهن ڀاءُ پنهنجي دوستن سان گڏجي سيالڪوٽ ۾ ڪمپني جي ميٽنگ تي وڃي رهيو هو ته افسوسناڪ حادثو پيش آيو.