ڪراچي / هالا (اسٽاف رپورٽر+ ن پ ا) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ شهباز گِل جي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته مون پنهنجو موقف واپس ناهي ورتو، پنهنجي موقف تي قائم آهيان، شهباز گِل جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي، حڪمرانن کي چوان ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڇڏين ۽ الزامن جو جواب ڏيو، جوڊيشل ڪميشن ٺاهين، ثبوت پيش ڪندس. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو ته شهباز گِل پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ٽوئيٽ رکي عوام کي گهمراهه ڪرڻ ۽ سندس ساک ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نواز ليگ جي پٺڀرائي هجڻ ۽ نواز ليگ جوائن ڪرڻ جي الزامن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته في الحال منهنجو ڪنهن به تنظيم ۾ وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسين جي ڊي اي ۾ آهيون، منهنجو ڀاءُ جي ڊي اي اڳواڻ آهي، باقي نواز ليگ هڪ سياسي پارٽي آهي، ووٽ کڻي ايوان ۾ آئي آهي ته ان کي جوائن ڪرڻ ڪو ڏوهه نه هوندو، جيڪڏهن سياست ڪرڻ ڏوهه آهي ته حڪمران ٻڌائين. تازي صورتحال کانپوءِ ڪنهن پارٽي پاران شموليت جي دعوت ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ بشير ميمڻ چيو ته هن وقت تائين ڪنهن به پارٽي جي دعوت ناهي آئي ۽ نه ئي هن وقت منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو به آهي. فواد چوڌري جي بيان بابت سوال تي هن چيو ته فواد چوڌري کي ٽي وي تي اچڻ جو شوق آهي ان لاءِ هو مختلف شوشا ڇڏيندو رهندو آهي. جڏهن ته شهزاد اڪبر جي مليل نوٽيس جو عدالت ۾ جواب ڏيندس. جڏهن ته ان اماڻيل نوٽيس ۾ پاڻ ۽ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.