ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جي پٽ بهزاد ميمڻ وفاقي خاص معاون شهباز ل خلاف ڪارروائي لاءِ ڪراچي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جوڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت بهزاد ميمڻ جي اها درخواست وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سيشن جج ڏکڻ ڏانهن اماڻي ڇڏي، بهزاد ميمڻ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شهباز گل منهنجي والد بشير ميمڻ ۽ گهرڀاتين تي ڪوڙا الزام لڳايا، هو ميڊيا تي اسان جي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته شهباز گل خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندس وارنٽ جاري ڪيا وڃن.