اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو، وزيراعظم شهباز شريف بشام واقعي جي گڏيل جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرحدن جي پار دهشتگردن لاءِ موجود پناهگاهن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي نقطه نظر جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته بشام واقعي جي جاچ لاءِ سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪيا وڃن، اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم چيني شهرين تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ان وحشياڻي عمل ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، آرمي چيف جنرل عاصم منير به اجلاس دوران ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت جي خاتمي واري عزم جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چيو ته قوم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ثابت قدمي سان دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي آهي،آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان، ان جي عوام ۽ ان جي مهمانن تي بري نظر وجهندڙ هر دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين. آرمي چيف چيو ته  قوم پاڪستان خلاف ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي، اسان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ وڙهنداسين.آرمي چيف چيو ته دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ عوام جي ثابت قدمي ۽ حوصلي کي گهٽ سمجهيو آهي، اسان پنهنجي ڀرپور طاقت سان آخري دم تائين دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين.  اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته چيني شهرين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، بشام واقعي سان پاڪ چين لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.