اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چين جي سفارت خاني پهچي ويو، ان دوران شانگله ۾ ٿيندر دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت ڪئي. صدر جو چوڻ هو ته پاڪستاني فوم چيني عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. دهشتگردن جو حملو ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي ۽ لاڳاپن تي حملو آهي. ان موقعي تي چيني سفير سفارت خاني جو دورو ڪرڻ جي صدر زرداري جو شڪريو ادا ڪندي پاڪستان ۾ چيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيني سفير جو چوڻ هو ته دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن. بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙن کي پڪڙ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. چيني سفير پاڪستان سان تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سي پيڪ سميت ٻين منصوبن لاءِ حمايت جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو.