بدين(رپورٽر) ملڪ ۾ مهانگي. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف  جي ڊي اي بدين پاران الله والا چوڪ کان ايوان صحافت بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڊي مظاهرو ڪيو ويو، جي ڊي اي بدين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن آحتجاجي ريلي ۽ مظاھري ۾ وڏي تعداد  ۾ شرڪت ڪئي جي ڊي اي جي اڳواڻڻ  واحد چانڊيو وزير خاصخيلي، رفيق ڀٽي، عبدالله چانڊيو  ۽ ٻين ايوان صحافت بدين آڏو خطاب ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پاران تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ سبب  ملڪ ۾ رڪارڊ مهانگي ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري عام ماڻهو ۽ ڏھاڙي وارا مزدور سخت پريشان آهن، ھنن چيو ته حڪمرانن غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي تمام گھڻو نقصان ڏنو آهي، حڪومت جي غلط پاليسين سبب غريب ماڻهون خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ھنن چيو ته عوام کي گھرجي ته موجوده چونڊن ۾ ايماندار قيادت کي ووٽ ڏئي ڪرپٽ مافيا مان ھميشا لاء جان ڇڏائي وڃي.