ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني۔  چورن ۽ ڦرن وارن واقعن خلاف وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ھڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو مظاهرين هاء اسڪول ون کان گھنٽا گھر  چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن وڪيل ساجد مھيسر ايڊوڪيٽ ماہ نور ملاح، نور بانو ملاح ،ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ،وڪيل نجيب مھيسر، وڪيل عابد ڪلھوڙو،سڌير چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ريلي ۾ شريڪ ماڻھن بدامني خلاف امن ڏيو يا استعيفي ڏيو ، کپي کپي امن کپي ،ٿاڻن تي پاٿاريون بند ڪيو جا زوردار نعره هنيا ان موقعي تي  اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آهي ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن ميھڙ پوليس ڏوهارين سان مليل آھي پوليس آفيسر ڏوه ڪرائي ڀنگ تي واپس ڪرائين ٿا ميھڙ ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو آھي پر ايس ايس پي دادو سميت ڪنھن به عملدار نوٽيس ناهي ورتو ھنن گهر ڪئي ته ايس ايس پي دادو کي ھٽائي ميهڙ ۾ بدامني کي ٻنجو ڏئي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رستم سرگاڻي جي چوري ٿيل ڪار سميت ٻين ٿيل ڏوهن جي واپسي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.