بدين (رپورٽر ) بدين- ڪراچي روڊ تي ڳوٺ حاجي سومار ملاح جو رهواسي 13 ورهين جو ٻالڪ دلاور ملاح روڊ پار ڪندي ڪار جي ٽڪر سبب سخت زخمي ٿي پيو. ڪار ڊرائيور نينگر کي ساڳِي ڪار ۾ کڻي ڊي ايچ ڪيو اسپتال بدين داخل ڪيو، جتي علاج دوران نينگر فوت ٿي ويو. وارثن ڪار ڊرائيور کي معاف ڪري ڇڏيو.