ٺٽو (رپورٽر) غلام الله ويجھو نامعلوم هٿياربند ٽمڪا اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل سوار واپاري شمع خواجه کان هٿيارن جي زور تي ڏيڍ لک رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر واپاري غلام الله پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.