بدين/ راڄوخاناڻي (رپورٽر) بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ ضلعو بچايو ڪاميٽي ٻيهر اختلافن جو شڪار ٿي وئي. ڪاميٽيءَ پاران 9 جون تي بدين مان نڪتل پيادل مارچ ماتلي پهچڻ تي احتجاج ملتوي ڪرڻ تان ضلعو بچايو ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هڪ ڌڙي بدين ۾ اجلاس ڪوٺائي ڪنوينر مير نور احمد ٽالپر تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عزيز ڏيرو کي نئون ڪنوينر مقرر ڪري پاڻي کوٽ خلاف حيدرآباد تائين پيادل مارچ جاري رکڻ ۽ 14 جون تي سيڊا آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ڏينهن بدين ۾ ضلعو بچايو ڪاميٽي جي ھنگامي اجلاس مير نور احمد ٽالپر کي ڪاميٽي جي ڪنوينرشپ ۽ خدا ڏنو شاھ کي ميمبرشپ تان هٽائي عزيز الله ڏيري کي ضلعو بچايو ڪاميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ عزيز ڏيرو جي اڳواڻي ۾ خليل ڀرڳڙي، حفيظ ميمڻ، خادم ميمڻ، عطا چانڊيو ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جون سيڊا جي ڊائريڪٽر ۽ ايريا واٽر بورڊ جي چيئرمين سان ڪي به ڳالهيون نه ٿيون آھن، نه وري لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو فيصلو واپس ورتو آھي. هوڏانهن مير نور احمد ٽالپر ، سيد غوث محمد شاهه، خدا ڏنو شاهه، حنيف نظاماڻي۽ ٻين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ضلعو بچايو تحريڪ هڪ آهي ۽ ھڪ ئي رهندي. ذاتي مفادن لاءِ ضلعو بچايو تحريڪ جو نالو استعمال ڪندڙن سان سندن ڪو تعلق ناهي. اڳواڻن جي دعويٰ مطابق آبپاشي ۽ سيڊا عملدار سندن احتجاج اڳيان گوڏي کوڙي مطالبا تسليم ڪيا آهن، جيڪڏهن انهن تي عمل نه ٿيو ته ملتوي ڪيل احتجاج ٻهري شروع ڪيو ويندو.