دادو (رپورٽر) دادو ۾ اي سيڪشن پوليس پاران ملاح چوڪ وٽ گهر ۾ گهڙي پيرسن ارباب ۽ سندس پٽ جاويد ملاح کي گرفتار ڪري ورتو، اي سيڪشن پوليس جي اهڙي عمل خلاف گرفتار ڪيل پيرسن جي پٽ عمران ملاح پاران اي سيڪشن پوليس خلاف احتجاج پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي انهيء دوران ماڻهن نوجوان کان پئٽرول کسي ورتو، پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عمران ملاح دانهيو آهي ته حامد ڪورائي ڏانهن سندن 6 لک 65 هزار رپيا قرض جيڪو گهرڻ تي هن مڇرجي کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پوءِ اي سيڪشن پوليس هٿان سندس پيرسن پيءُ ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪرايو آهي، جن کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاجن هو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندو جنهن جو ذميوار ايس ايس پي دادو ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او هوندا.