ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وڌيڪ 47 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته مريضن جو انگ پهريون ڀيرو گهٽجي 1303 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 3.21 سيڪڙو رهي، جڏهن ڪراچي ۾ اها شرح 8.6 ۽ حيدرآباد ۾5.6 سيڪڙو رهي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 24 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 608 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 23440 مريض علاج هيٺ آهن ، جن مان 22704 گهرن، 21 آئسوليشن سينٽرن ۽ 715 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، هن چيو ته 676 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 56 مريضن کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 393، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 23-23، ميرپورخاص ۾ 19، بدين ۾ 17، ڄامشوري ۾ 13، نوشهري فيروز، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ 10-10، قمبر، خيرپور، سجاول ۽ ٽنڊي محمدخان ۾ 9-9، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد ۾ 8-8، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 6-6، ڪشمور ۽ سکر ۾ 4-4، دادو ۾ 2، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، ٻئي طرف قمبر جي ايس پي سمير نور چنو ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ ضلعي جي 671 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، جنهن سبب پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آهي.