ڪراچي (نمائندن وٽان) بحريا ٽائون پاران ملير جي ڳوٺن تي قبضي خلاف قومپرست پارٽين، سياسي، سماجي ڌُرين پاران مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، عيد بعد حريا ٽائون جي والار خلاف فيصلائتي جدوجهد شروع ڪرڻ جو اعلان. ملير ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪمال خان جوکيو ڳوٺ، نور محمد گبول ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪري ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر رسول بخش خاصخيلي، شبنم پليجو ۽ منان شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ نور محمد گبول ڳوٺ، ڪمال خان جوکيو ڳوٺ پهچي ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون، ٻئي طرف ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو جي اڳواڻي ۾ ڪمال جوکيو ڳوٺ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن انڊيجينيس رائٽس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ، علي مستوئي جي اڳواڻي ۾ الائنس جي ڪارڪنن نور محمد گبول ڳوٺ، ڪمال خان جوکيو ڳوٺ پهچي ڳوٺاڻن کان معلومات ورتي. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ۽ بحريا ٽائون خلاف ٺٽي کان نڪتل قافلي انعام سنڌي جي اڳواڻي ۾ بحريا ٽائون متاثر ڳوٺن ڪمال خان جوکيو ڳوٺ، نور محمد گبول ڳوٺ، هادي بخش گبول ڳوٺ پهچي ڳوٺاڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ٻي طرف مٺي، سجاول، گهارو، ڳاڙھو، ميرپور بٺورو، جهوڪ شريف، بدين، گولاڙچي، نندو شھر، ماتلي، کوسڪي، ٽنڊوباگو، ملير، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، وارهه، ٺل، گاجي کهاوڙ، ڳيريلو، ڳڙھي خيرو، ڪشمور، تنگواڻي،ڏوڪري، مانجھند، ميهڙ، جهڏو، ڪوٽ غلام محمد، ميرپورخاص، ڍورونارو، ڪنري، سيوھڻ، دولتپورصفن، ڀان سيدآباد، خيرپور ناٿن شاهه، نوشھروفيروز، ڄام صاحب، ٽنڊي آدم، مٺياڻي، نوان جتوئي، موري، خانواھڻ، سڪرنڊ، شاهپور چاڪر، خيرپور، سکر، جوهي، ڀٽ شاهه، ڄامشورو، حيدرآباد، ڪوٽڙي، مانجهند ۾ پڻ جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر بخشل ٿلهو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي عبدالخالق جوڻيجو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اقبال خان، عوامي جمهوري پارٽي جي ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، نذيرقُريشي، عوامي ورڪرز پارٽي جي جاويد راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بحريا ٽائون پاران سنڌ جي زمين تي قبضي واري عمل جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته 19 مئي تي ڪراچي ۾ الائنس جي اڳواڻ ڪامريڊ يوسف مستي خان سان ملاقات بعد زمينن تي قبضي خلاف مزاحمت جو فيصلو ڪيو ويندو.