ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون انتظاميا پاران ملير جي ڪمال جوکيو ڳوٺ سميت مختلف قديمي وسندين تي ٻيهر چڙهائي واري واقعي جو بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکئي، ايم پي اي سليم بلوچ ۽ ساجد جوکئي بحريا ٽائون جي حملي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻن جي عيادت کانپوءِ رات دير سان واقعي واري هنڌ ڪمال جوکيو ڳوٺ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سراج ڪلمتي ڳوٺ ۾ متاثر ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صوبائي وزير ناصر شاهه اڳيان شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪابه واهر نه ٿيڻ جون ميارون ڏنيون. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي ڳوٺاڻن جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون. صوبائي وزير خاطري ڏياريندي چيو ته ڪنهن به ڳوٺ ۽ مقامي آباديءَ کي بي گهر نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي غيرقانوني طور ڳوٺاڻن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ ڏنا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اڻوڻندڙ واقعن جي ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڳوٺاڻن سان گڏ آهي.