ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ويجهو قديمي سنڌي ڳوٺن تي بحريا ٽائون انتظاميا جي چڙهائي خلاف جي ڊي اي وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو، جي ڊي اي اڳواڻن بئريسٽر حسنين مرزا، رزاق راهمون، شهريار مهر، رفيق ٻانبڻ ، عارف مصطفي جتوئي ۽ ٻين پاران  وفاقي وزير اسد عمر کي خط لکي چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون انتظاميا پاران سنڌ حڪومت سان ملي قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪري زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، انهي معاملي کي وفاقي سطح تي نيب سميت سمورن ادارن آڏو کڻي قديمي ڳوٺاڻن جي رهڻ وارو حق ڏنو وڃي ۽ انهي قبضي ۾ سرڪاري آفيسرن سميت سمورن ذميواري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.