ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بحريا ٽائون واقعي بعد سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن جون گرفتاريون سٺو عمل ناهي، سنڌ جي قومپرست سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين تي وڏي وزير سان ڳالهائيندس، باھ لڳڻ واري واقعي ۾ جيڪي ملوث آهن انهن خلاف ڀلي ڪارروائي ٿيڻ گھرجي پر باھ واري واقعي کان وڌيڪ ظلم ته مقامي ماڻهن جا ڳوٺ ڊاهڻ وارو عمل آهي. صوبائي سرڪار کي ڳوٺاڻن جي تحفظ لاءِ اپاءُ وٺڻ گھرجن. ڪالهه هتي اخباري ايڊيٽرن ۽ ٽي وي چينلن جي بيوروچيفز سان خصوصي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قديمي رهواسين جي ڳوٺن خلاف ڪارروايون نه ٿيڻ گھرجن. آئون ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ڳالهائيندس ته جيئن صوبائي ۽ وفاقي سرڪار گڏجي ڪا حڪمت جوڙي مسئلو حل ڪري سگھن. صدر علوي چيو ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا عدالتي فيصلا هجن ٿا، جن تي ڪو تبصرو ۽ تجزيو ته نه ٿو ڪري سگھجي، ڪراچي ۾ غيرقانوني عمارتون ڊاهڻ واري معاملي تي آئون صدر پاڪستان جي حيثيت ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي اپيل ڪندس ته جيڪي ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، انهن کي به لازمي ٻڌو وڃي ۽ سندن بحالي لاءِ به اپاءُ ورتا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ قاضي وارو ريفرنس جڏهن مون وٽ آيو ته مون آئيني طور تي ان جو جائزو ورتو، ريفرنس ۾ ڄاڻايل هو ته 3 پراپرٽيون سندس نالي آهن، ڇا آئون اهو ڪيس نيب يا ايف آءِ اي ڏانهن موڪليان؟ اهو ڪيس آئون کين ڪيئن موڪليان ڇاڪاڻ ته ريفرنس سپريم ڪورٽ جي جج خلاف هو، ان ڪري مون آئيني طور تي اهو ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيو، جنهن تي چيو ويو ته مون تڪڙ ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي مسئلا ڏسن، آئون مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملندو رهندو آهيان، ڪافي ملاقاتون ڳجھيون هونديون آهن جيڪي آئون ظاهر ناهيان ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ مشين سسٽم تيار ڪيو آهي، جنهن تي پريڪٽس هلي رهي آهي. انهن مشين بعد 100 سيڪڙو شفاف چونڊون ته نه ٿي سگھنديون پر گھٽ ۾ گهٽ هڪڙو قدم اڳتي وڌندو. صدر عارف علوي اليڪٽرانڪ ووٽر مشينن جي سلسلي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جيئن ئي چونڊ سڌارن وارو بل پاس ٿيندو ته اها مشين استعمال لائق ٿيندي. اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اختلاف آهن، انهن اختلافن جي سلسلي ۾ اسان ڪجهه مهينن کان هر هفتي لاڳيتو گڏجاڻيون ڪري رهيا آهيون، جن ۾ مخالف ڌر جا ميمبر پڻ شريڪ ٿيندا آهن. صدر چيو ته چونڊن جي حوالي سان هڪ تجويز اها آئي آهي ته آدم شماري بدران شناختي ڪارڊ (ووٽر) جي بنياد تي تڪ بنديون ٿين ، اها تجويز ڪراچي لاءِ آئي آهي پر ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته ٻهراڙي واري علائقن ۾ ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ گهٽ ٺهيل آهن انهي سان شهري علائقن جون سيٽون وڌي ۽ ٻهراڙين جون سيٽون گٽجي وينديون، ان ڪري ان تجويز تي اڃا اتفاق ناهي ٿيو.