ڪراچي (نمائندا) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته آمراڻي جمهوريت سنڌ جي والار خلاف جدوجهد ڪاميابي تائين جاري رهندي، ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي . سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پ پ جي ظلمن بابت عوام کي رستن تي آڻينداسين. اهڙو اظهار هنن عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ بدين سميت مختلف هنڌن تي عام ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. گذريل ڏينهن سجاول ۽ گولاڙچي کان بدين پهتو ته احتجاجي مارچ ۾ تبديل ٿي ويو. بعد ۾ شاھنواز چوڪ تي ھڪ وڏي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھ چيو ته پ پ حڪومت عوام کان معافي وٺي قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل بيگناھ ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ته لکين سنڌي ھڪ دفعو ٻيھر ڪراچي جو رخ ڪندا. هن چيو ته بدين سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي بحران جي ذميوار پ پ پ آھي. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي 6 جون واري پرامن تاريخي احتجا کي پ پ حڪومت سازش تحت خراب ڪيو، پنھنجا ۽ ملڪ رياض جا غنڊا موڪلي ڀڃ ڊاهه ڪرائي. هن چيو ته زرداري ۽ سندس ٽولو ملڪ رياض جو سھولتڪار بڻيل آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ رياض کي آئون ھڪ ڄڻو چيري ڦاڙي ڇڏيان پر ھو زرداري جو پٺو آھي ۽ زرداري کي اوھان ووٽ ڏئي مضبوط ڪيو. هن چيو ته بحريا ٽائون سميت سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون. اڄ ملڪ رياض جا ماڻھو سنڌ جي پيرسن ماڻھن جي تذليل ڪن پيا، اھي ھلاڪو بدين ۽ ٺٽي جي ڳوٺن تي به ڪاھون ڪندا. ساھ جي آخري دم تائين ملڪ رياض خلاف جنگ جاري رھندي. ملڪ رياض بدنام زمانا قبضاگير آهي، پ پ حڪومت سنڌ جون زمينون ڀڳڙن جي مٺ ملڪ رياض کي ڏنيون آھن. اڄ بدين جي عوام زرداري ٽولي کي نامنظور ڪري ڇڏيو آھي. رياض چانڊئي چيو ته ھي قافلو بحريا ٽائون سميت سنڌ جي زمينن تان قبضو ھٽائڻ لاءِ نڪتو آھي. سنڌ جي عوام جي سھڪار سان سنڌ اسمبلي آڏو تاريخي ڌرڻو به ھڻنداسين ۽ جيل ڀريو تحريڪ به ھلائينداسين. قومي ڪارڪنن جي گھرن تي ڇاپا ھڻڻ بند ڪيا وڃن. هي آمراڻي جمهوريت ۽ جيل ٿاڻا اسان کي پنھنجي جدوجھد کان روڪي نٿا سگھن. هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ تاريخي ڌرڻو هڻنداسين. ان کان علاوه وسند ٿري، روشن ٻرڙي، امير آزاد پنهور، نواز زئور، اسلم خيرپوري ۽ ٻين چيو ته زرداري سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آھي، ملڪ رياض سندس کاٽائو پٽ آھي، ان خلاف سنڌ جي عوام رستن تي آھي. ان کان اڳ سجاول ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪندڙ ترقي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام کي پيپلزپارٽي جي ظلمن جا داستان ٻڌائيندا سين. هنن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي، زين شاھ سميت سمورن قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس ختم ڪري کين فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.