اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ گهريلو تشدد تي پابندي بابت بل اڪثريت راءِ سان منظور، مذهبي پارٽين پاران مخالفت، بزرگ شهرين جي فلاح بهبود جو بل به سينيٽ جي ايوان منظور ڪري ورتو، تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ گهريلو تشدد تي پابندي جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته هن بل ذريعي توهان ته پنهنجو خانداني نظام ختم ڪري رهيا آهيو، ڇا ڌيءَ، پٽ، ٻار پنهنجي والدين خلاف ويندو، بل ۾ زال ۽ مڙس وچ ۾ ٺاهه جي رخ کي ڪڍيو ويو آهي، هن بل تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالمن کان راءِ ورتي وڃي، بلوچستان کان چونڊيل سينيٽر ثمينا ممتاز چيو ته توهان عورتن کي به حق ڏيو، زالون گهر ۾ ڪم ڪري سڙي ويون آهن، مڙسن کي ٻي عورت پسند اچي ٿي ته ان کي وٺي اچن ٿا، جي يو آءِ جي مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته هن بل کي انساني حقن جي ڪاميٽي ۾ نه پر مذهبي مامرن جي ڪاميٽي ۾ وڃڻ گهرجي ها، زال مڙس جا مامرا چوڪن تي اچي ويندا، هن بل تحت عورتن، ٻارڙن ، بزرگن ۽ ڪمزور ماڻهن خلاف گهريلو تشدد تي پابندي هوندي، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي 3سال قيد ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، عدالت درخواست تي ٻڌڻي 7 ڏينهن اندر مقرر ڪندي، 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، جماعت اسلامي به بل جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته سينيٽ جي ايوان بزرگ شهرين جي فلاح وبهبود لاءِ بل پيش ڪيو ويو، ن ليگ جي رانا مقبول جو چوڻ هو ته اهڙو بل سينيٽ مان منظور ٿي قومي اسيمبلي ويو، پر منهنجي بل جهڙو حڪومت بل کڻي آئي آهي، شيري رحمان چيو ته منهنجو به بل چوري ٿيو آهي، جنهن تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ شامل ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ايوان مان ٻاهر هليا ويا، بعد ۾ واڪ آئوٽ ختم ڪري ميمبر واپس آيا. جنهن بعد ان بل کي به ترميمن سان گڏ منظور ڪيو ويو، بل تحت بزرگ شهرين لاءِ اولڊ هوم قائم ٿيندا، جهازن، ريلوي، سرڪاري ٽرانسپورٽ تي بزرگ شهرين کي 20 سيڪڙو رعايت ملندي، بزرگ شهرين جي ڪائونسل قائم ٿيندي، جيڪا کين بهتر طبي سهولتن لاءِ انتظام ڪرڻ کانسواءِ بزرگ شهرين لاءِ ڪلب جي سهولتن لاءِ به ڪوششون ڪندي، بل تحت 60 سال جي بزرگ شهري کي خصوصي ڪارڊ ملندو، ان کي تفريحي هنڌن، پارڪس، عجائب گهرن، لائبريرين ۾ مفت سهولت ملندي، کين مالي امداد به ڏني ويندي، بزرگ شهرين کي فراهم ڪيل ڪارڊ جو احترام نه ڪرڻ ڏوهه تصور ٿيندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين جرمانو لڳندو.