بحران جا ذميوار سياستدان ۽ معيشت جو نڪرندڙ ڏيوالو

0
149
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

ملڪ جي اعليٰ عدليه 22 جولائي تي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري جي رولنگ کي رد ڪندي چوڌري پرويز الاهي جي چونڊ کي جائز قرار ڏئي حمزه شهباز جي وڏ وزارت جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس ڪابينا سميت عھدي تان ھٽائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي 23 جولائي تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ شروعاتي طور سماعت ڪندي ٽرسٽي وڏي وزير حمزه شهباز ، ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪندي کين طلب ڪيو ته حمزه شهباز توڙي دوست محمد مزاري فاضل عدالت جي آڏو پيش ٿيڻ بجاءِ وڪيلن کي مقرر ڪري ڇڏيو. عدالت کين جواب داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مھلت ڏيندي ٻڌڻي 25 جولائي سومر ڏھاڙي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ته نواز ليگ سميت شھباز حڪومت ۾ شامل اتحادين عدليه کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ سخت زبان استعمال شروع ڪندي چيف جسٽس سميت معزز ججن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ان ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بينچ قائم ڪئي وڃي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻن صدرن کان به بيانن ذريعي دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن عدالت سڳوري پھرين مرحلي تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فل ڪورٽ بينچ جي قيام کي رد ڪندي چيو ته فل ڪورٽ جي ھن ڪيس ۾ضرورت ناهي ٻيو ته ڪيترائي جج ملڪ ۾ موجود ناھن، ھي ساڳي بينچ آھي جنھن ھڪ وزيراعظم کي گھر ڀيڙو ڪيو ته ان وقت توهان مٺايون ورهايون ھيون ھاڻي بينچ تي آڱريون کڻڻ جو ڪوبه جواز ناهي.

عدليه جي معزز ججن جي نرم رويي جو نامناسب فائدو وٺندي ڊپٽي اسپيڪر جي وڪيل عرفان قادر دليلن دوران ججن جي مٿان الزام لڳائڻ شروع ڪيا ته جيئن جج ڪاوڙ ۾اچي بينچ کان الڳ ٿين يا وري سندن خواهش مطابق بينچ تشڪيل ڏين. ساڳي طرح پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ڪيس ۾ پارٽي ٿيندي پيش ٿيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته توهان جو ان ڪيس سان ڪوبه تعلق ناهي ڪيئن ٿا پيش ٿيو. عدالت جي اندر ڇڪتاڻ واري صورتحال جي باوجود ججن ڪوشش ڪئي ته شائستگي جو دامن ھٿ مان نڪرڻ نه گھرجي ان لاءِ عدليه ڪيس جي ٻڌڻي 26 جولائي صبح تائين ملتوي ڪندي ٻيھر 26 جولائي تي ٻڌڻي ڪئي ته نواز ليگ ۽ اتحادين جو رويو ساڳيو رھيو بلڪه وڌيڪ سخت زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھوڏانھن وري ججن جي اندر گروپ بندي ۽ بينچ ٽٽڻ جي حوالي سان ملڪ جي اندر ھڪ اڌ خانگي ٽي وي چينلن تبصرن ۾ حدون پار ڪري ڇڏيون ھيون ۽ پوري قوم کي اھڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سياستدانن نه پر جيڪو آئيني بحران پيدا ٿيو آهي اھو عدليه جو پيدا ڪيل آھي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته مارچ مھيني کان وٺي وفاق توڙي پنجاب ۾ جيڪو آئيني بحران پيدا ٿيو آهي ان جو بنيادي ڪارڻ سياستدان پاڻ آھن عمران خان کي اقتدار مان فارغ ڪرڻ وقت سياسي لوٽن کي سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ رکيو ويو جنهن جي ڪري آصف زرداري تي سياسي لوٽن کي خريد ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا. وفاق کان پوءِ پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي جو مرحلو آيو ته اتي به 25 سياسي لوٽن جو سھارو وٺي حمزه شهباز کي وڏ وزارت جي ڪرسي تي ويھاريو ويو پر آئيني بحران ختم ٿيڻ جو نالو وٺڻ لاءِ تيار نه هو وري معاملو لاھور ھاءِ ڪورٽ پھتو جتان 25 سياسي لوٽن کي ڊي سيٽ يعني کين نااھل قرار ڏئي 20 سيٽن تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ته ھوڏانھن حمزه شهباز جي اڪثريت ختم ٿي وئي. ليڪن سپريم ڪورٽ 22 جولائي تائين کيس ٽرسٽي وڏي وزير طور قبول ڪرايو ته ان وقت نواز ليگ عدليه جي فيصلي جي واکاڻ ڪرڻ لڳي ۽ کين ننڍي چونڊ ۾شڪست آئي ته بيانيو تبديل ٿيندي ان وقت سخت زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪئي. جڏهن سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي خلاف سماعت ڪئي جنهن ۾ کين قانوني آئيني طور تي شڪست نظر اچي وئي ته حڪومت ۾ شامل اتحادين کي استعمال ڪيو.

ھاڻي جڏھن سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي ته ان کي قبول ڪرڻ بجاءِ عدليه کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نواز شريف ۽ مريم نواز فيصلي کي انصاف جو قتل قرار ڏيندي چيو ته ججن خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ گھرجي. وزيراعظم شھباز شريف ادارن کي حدن ۾رھڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڌمڪي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر ڏني ته سپريم ڪورٽ جا اختيار گھٽائي ججن کي ملندڙ مراعتون واپس ورتيون وڃن. فرحت الله بابر جي اھڙي بيان جي بلاول ڀٽو زرداري پڻ حمايت ڪري ڇڏي. حقيقت ۾ڏٺو وڃي ته پيپلزپارٽي جي تاريخ عدليه جي آزادي آئين قانون جي بالادستي جي قيام لاءِ جدوجھد رهي آهي، شھيد بينظير ڀٽو عدليه جي آزادي ججن جي بحالي لاءِ آمريت جو مقابلو ڪيو. بينظير ڀٽو جي ٻه دفعا حڪومت ختم ڪئي وئي ھئي ۽ سپريم ڪورٽ ان کي جائز قرار ڏنو ھو ته بينظير ڀٽو عدليه جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چمڪ قرار ڏنو ھو پر اھو مطالبو نه ڪيو ته عدليه جا اختيار گهٽايا وڃن.

پيپلزپارٽي جي قيادت کي اھو وسارڻ نه گهرجي ته نواز ليگ جو ماضي عدليه جي حوالي سان ڪھڙو رھيو آھي جن نه صرف عدليه تي حملو ڪيو بلڪه ججن کي تقسيم ڪرايو. نواز شريف 1997 ع ۾ اميرالمؤمنين ٿيڻ لاءِ آئيني ادارن کي پنهنجي گھر جي ٻانهي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. بقول پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن جي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڊڪٽيٽر ضياءُ جي مارشل لا ۾ ڪوڙي ڪيس ۾ڦاهي ڏني وئي هئي ته ان وقت گجرات ۾ ايتري مٺائي ورهائي وئي جو دڪان خالي ٿي ويا ان جي ادائيگي چوڌري شجاعت حسين جي پاران ڪئي وئي ۽ ھاڻي آصف زرداري انھي چوڌري شجاعت حسين جي گھر تي بار بار چڪر لڳائيندي حمزه شهباز کي وڏ وزارت تي بچائڻ جي آخري ڪوشش ڪندي خط به حاصل ڪيو، ليڪن حمزه شهباز کي اھو خط به بچائي نه سگھيو. بدقسمتي سان ملڪ جي سياستدانن جو عدليه ڏانهن رويو ھميشھ نامناسب رھيو آھي عدليه سندن حق۾فيصلو ڪري ته واھه واھه جيڪڏهن مخالفت ۾ڪري ته قبول نه ڪن. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته فيصلي تي تنقيد ڪندي ان جي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪري اھو ثابت ڪرڻ گھرجي ته جاري ڪيل فيصلو صحيح ناھي جيڪڏهن سياستدانن جو عدليه ڏانهن اھڙو رويو رھيو ته پوءِ عدليه جي فيصلن کي ڪير به قبول نه ڪندو ۽ ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿي ويندي جنهن جي ذميواري ڪنهن ٻئي تي نه پر سياستدانن جي مٿان لڳي ويندي. ڇو ته ھن وقت اھي به ڳالھيون ھلن پيون ته غير جمهوري قوتون ان تاڙ ۾ آھن ته سياستدانن ۽ آئيني ادارن جي درميان ٽڪراءَ پيدا ٿئي ته کين اقتدار ۾ اچڻ جو رستو ملي.

ھتي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ کپي ته پنجاب جو اقتدار شريف خاندان جي ھٿ مان نڪرڻ کان پوءِ وزيراعظم شھباز شريف صرف اسلام آباد جو وزيراعظم رھجي ويو آهي بقول شيخ رشيد جي ته شھباز شريف ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي سي ڊي اي جو وزيراعظم آھي ڪنھن حد تائين شيخ رشيد جي ڳالهه سان اتفاق ڪري سگھجي ٿو ڇوته ھاڻي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آئي جون حڪومتون آھن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جڏهن ته بلوچستان ۾ باپ ۽ اتحادين جي حڪومت آھي پروٽوڪول جي حد تائين سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وزير ته وزيراعظم شھباز شريف جو استقبال ڪندا ليڪن ڪڏھن به اتحادي ھئڻ جي باوجود پنهنجي ڪمن ۾ مداخلت قبول نه ڪندا. ھوڏانھن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير ته وزيراعظم شھباز شريف جو صوبي ۾ اچڻ تي استقبال ڪرڻ ته ٺهيو پر ھو سندس ڪنھن اجلاس جو حصو نه ٿيندا، اھڙي سڄي صورتحال ۾ شھباز شريف ملڪ کي ھلائڻ جي لاءِ ڪيئن فيصلا ڪري سگھندو. ان ڪري ملڪ کي معاشي آئيني بحران مان ڪڍڻ لاءِ عام چونڊن طرف وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي باقي ذاتي انا جي خاطر جيڪو رستو ھن وقت اختيار ڪيو ويو آهي ته ان سان ھر ايندڙ ڏينهن ۾ ڊالر وڌندو ويندو. مھانگائي ۾ مسلسل اضافي جي ڪري غريب عوام وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهي. چيو ٿو وڃي ته ايندڙ مهيني آگسٽ ۾ آئي ايم ايف کان قرض جي قسط ملڻ جا امڪان واضح ناھن مٿان وري سعودي عرب ۽ چين به اھو شرط لڳائي ڇڏيو آهي ته پھرين آئي ايم ايف کان قرض جي قسط وٺي اچو ڇو ته انھن ملڪن کي پنهنجي رقم ٻڏڻ جو خدشو آهي ڇو ته ھن وقت حڪومت ڪھڙي به معيشت جي حوالي سان دعويٰ ڪري پر ملڪ ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي جنهن جو معاشي ماھرن امڪان ظاهر ڪيو آهي.