برسات متاثرن کي بک ۽ بيمارين کان ته بچايو!

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سياسي معاملن  جي ڪري برساتي ٻوڏ  ۾ جيڪا  تباهي ٿي رهي  آهي انهي کان اسانجي عوام۽ خاص ڪري حڪمران ۽ سياستدان  ڄڻ ته لاتعلق بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته نام نهاد قومي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گهڻو زور سياسي سرگرمين ۽ حڪومتي اٿل پٿل بابت آهي،جڏهن وري برساتي تباهي به اهڙن  علائقن  ۽ صوبن ۾ ٿي آهي  جيڪي اڳ ئي نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪندا رهندا آهن ته پوءِ انهن  تي  ڌيان به ڪير ٿو ڏئي.؟ جيڪڏهن ڪنهن وڏي ۽ ميٽروپوليٽن  شهر ۾ ڪو گٽر ۽ نالو به بند ٿو ٿئي ته سڄي حڪمران  مشينري ۽ سياستدان اتي پهچي ٿا وڃن پر هتي انساني  حياتيون  لڙهي رهيون  آهن  پر ميڊيا ۾ به  ماٺ آهي ته سياستدانن  جي به چپن تي تالا لڳل آهن.

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي مچائي آهي پر بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي  مان برسات جي تباهي جون  جيڪي تصويرون اچي رهيون آهن اهي ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. سنڌ ۽ بلوچستان  سرڪار جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن  اهي  تباهي  جي شدت جي گواهي ڏئي رهيا آهن. بلوچستان  جو چيف سيڪريٽري چئي رهيو آهي ته سانوڻي جون برساتون پنج سئو سيڪڙو وڌيڪ  پيون آهن جن ۾ هڪ سئو يارنهن انساني حياتيون هلي ويون آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو آهي ته سڄي سنڌ ۾ برساتن  دوران مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 93 ڄڻا پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن. ٻنهي صوبن ۾ اهو ته انساني جانين جو نقصان آهي جڏهن ته جيڪو مالي نقصان ٿيو آهي ان جو اندازو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. هزارين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اهي دربدر آهن  جڏهن ته انهن جو مال  مويشي ۽ اناج  انهن  برساتن  ۽ نين مان  ايندر پاڻي جي تيز وهڪرن  ۾ لڙهي ويو  آهي جيڪا ئي هنن جي ڪل ڪمائي يا مستقبل جي گذر جو وسيلو هوندو آهي.

جڏهن ته برساتن جو اهو سلسلو اڃا ختم نه ٿيو آهي ڪٿي تيز ۽ ڪٿي وڌيڪ اهو سلسلو جاري رهندو ۽ سڀاڻي کان  وري نئون برساتي سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي جنهن سان به اڃا وڌيڪ تباهي اچڻ جو خطرو آهي. جتي جتي اها برسات پئي آهي اتي ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ ماڻهن  وٽ رهڻ لاءِ ڪو سڪي جو ٽڪرو نه بچيو آهي خاص ڪري ڪاڇي جي علائقي ۾ جتي روڊ رستا به  تيز وهڪرن  ۾ لڙهي ويا آهن  ۽ ماڻهن  جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اتي بک ۽ بيمارين واري صورتحال آهي. جڏهن ته حڪومت وري انهن  علائقن  ۾ صحت  جون  سهولتون مهيا ڪرڻ بدران  تعلقي جي  شهرن  وٽ ڪيمپون  قائم  ڪيون  آهن جن  تائين بيمارن کي پهچائڻ ئي  ناممڪن  آهي.  جيڪڏهن  ٻوڏ متاثر ماڻهو تعلقي هيڊ  ڪوارٽر تائين  پهچي سگهن  ٿا ته پوءِ انهن ڪيمپن جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي  اتي ته  اسپتال يا وري ٻين شهرن  ۾ وڃڻ سولو آهي، مطلب ته انتظاميا  مڙئي  خانه پوري ڪري رهي آهي.

اسان  سمجهون ٿا ته جنهن پئماني  جي  تباهي ٿي آهي ۽ اڃا وڌيڪ  برساتن سبب وڌيڪ تباهي ٿي سگهي ٿي ايڏي پئماني  تي رليف جو ڪم  نظر نه ٿو اچي ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت  وقت گذارڻ ۽ تڪليفن کي  منهن  ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا  آهن. جيڪڏهن ههڙين  حالتن  ۾ به رياست يا حڪومت متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ بدران رڳو خانه پوري ڪندي ته پوءِ عوام مٿان ٽئڪسن جو بار ڇو وڌو ويندو آهي. تنهن  ڪري حڪومت فوري طور متاثر علائقن تائين  وڃي متاثر ماڻهن ۾ خوراڪ ۽ صحت جي سهولتون  مهيا ڪري ته جيئن  بک ۽ بيمارين کان ماڻهن کي بچائي سگهجي.