اعليٰ تعليم جي بدحاليءَ جا سبب ۽ استادن جون ذميواريون

0
482
رپئي جو ڪرندڙ اگھه، سبب ۽ حڪومتي جي بيوسي

  “تعليم انسان جي ٽين اک آهي”. ھن محاوري مان اھا ٽين اک ڪيتر و ڏسي سگھي ٿي. ان جو دارومدار حاصل ڪيل علم جي مقدار ۽ معيار تي آھي. اوائلي زماني کان تعليم پرائيندڙ ۽ ڏيندڙن جو معاشري ۾ هڪ اعليٰ مقام رھيو آھي.  وقت سان تعليم جي طور طريقن ۽ اھميت ۾ به گهڻي تبديلي آئي آهي. ملڪ ۾ معاشي ترقي وڌائڻ، غربت گهٽائي مجموعي طور معاشري کي خوشحال بڻائڻ ۾ تعليم اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. گھٽ تعليم وارن جي ڀيٽ ۾ سٺي تعليم وارا بھتر روزگار سبب وڌيڪ پگھار کڻن ٿا. ملڪي پيداوار ۾ بھتري آڻين ٿا. اعليٰ تعليم نه رڳو فرد، پر سڄي سماج لاءِ فائديمند ھوندي آھي. اعليٰ تعليم لاڳاپيل نوڪريءَ لاءِ گھربل اھليت سان گڏ، برادريءَ ۽ سماج جو سرگرم ميمبر بڻائي ٿي.  ھن وقت دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جو تعداد تقريبن 22 ڪروڙ آهي، جيڪو تعداد 2000ع ۾ 10 ڪروڙ شاگرد ھو. امير ملڪن ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ تقريبن 40 کان پنجاهه سيڪڙو کان مٿي شاگرد پھچن ٿا. ورلڊ بئنڪ جي ھڪ رپورٽ موجب اعليٰ تعليم يافته گھٽ پڙھيلن کان ٻيڻا پئسا ڪمائڻ ۽ نوجوان آبادي وڌڻ ڪري گذريل ڏهاڪي دوران يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪندڙن جو تعداد وڌيو آهي. خاص طور ڏکڻ ايشيا، سب سهارا آفريڪا، لاطيني آمريڪا، ۽ وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جهڙن علائقن ۾ معياري اعليٰ تعليم جي گهرج وڌي رهي آهي. سڀ ملڪ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سڌارا آڻڻ چاھين ٿا. جيئن انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھن. تعليمي پاليسيون سماج ۽ معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي طور ترتيب ڏيڻ جي ضرورت ھوندي آهي.

پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي پاليسيون بدلجنديون رھيون آھن. ھر حڪمران پنھنجي پسند ۽ مرضيءَ موجب تعليمي پاليسيون جوڙيون آهن. پاڪستان جي ورھاڱي وقت ڪنھن به قسم جي تعليمي پاليسي نه ھئي. ورھاڱي جي ٽن مھينن بعد نومبر 1974ع ۾ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ان ڪانفرنس جو مقصد تعليم جي معيار کي بھتر بنائڻ سان گڏ نوجوانن کي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيارڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ ھو. نصابن جي جوڙجڪ شاگردن جي ذھني صلاحيتن موجب جوڙڻ، ۽ اعليٰ تعليمي ادارن وسيلي جمھوريت کي فروغ ڏيڻ شامل ھو. ليڪن بدقسمتيءَ سان ان پاليسيءَ تي عمل نه ٿي سگهيو. ان بعد ڪيتريون تعليمي پاليسيون جوڙيون ۽ بدلايون ويون. جيئن 1970ع، 1972ع، 1979ع، 1980ع، 1992ع، 1998ع، 2009ع. ليڪن انھن سمورين پاليسين ملڪ جي تعليمي بھتري خاص ڪري اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ ڪا خاطر خواهه تبديلي نه آندي. اڪثريت ان ڳالهه تي متفق آھي ته پاڪستاني يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ڊگري ڪاليجن ۾ ملندڙ اعليٰ تعليم معياري نه آهي. انھن کي ڊگريون ڏيندڙ فيڪٽريون سڏيو وڃي ٿو. جنھن ڪري شاگردن جي گھڻائي محنت بجاءِ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ غيرقانوني طريقا استعمال ڪري ٿو. اھڙي طرح استاد به ڊگرين ڏيڻ کي اصلي مقصد سمجھي رھيا آھن.

جنھن سان شاگردن جي حاضري گھٽجي وئي آهي. اهي ڊگريون مارڪيٽ جي ضرورتن ۾ گهربل مهارتن سان ملائڻ کان قاصر آهن، نصاب مارڪيٽ جي ضرورتن لاءِ غير مناسب ۽ غير حساس آهن. عملي طور تي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو نوڪريءَ جي منزلن سان ڪو به واسطو ناهي. ليڪن اھڙيون ڊگريون گھربل ڄاڻ کان خالي آھن. شاگرد حاصل ڪيل ڊگرين مان مايوس آهن. ڇوته اھي “معياري” تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي وڌندڙ گھرج ۽ تعليمي ادارن درميان مقابلي بازيءَ سبب انھن ادارن کان اميدن ۾ واڌ ۽ کانئن قابل گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ جي گھر وڌي رهي آهي. اڳ اعليٰ تعليمي ادارا وڌي رهيا هئا جنھن ڪري شاگردن جي تعداد ۾ واڌ کي ڪارڪردگي سمجھيو ويندو هو. ھينئر اعليٰ تعليم صنعت جو درجو ماڻي چڪي آهي. ان مرحلي ۾، ٻاهرين اسٽيڪ هولڊرن، نوڪريون ڏيندڙن، سماج، سرڪار ۽ ٻين کي يونيورسٽين کان وڌيڪ اميدون ھونديون آھن، کين داخلائن ۾ واڌ ڪري مطمئن نٿو ڪري سگهجي. ھن وقت اعليٰ تعليم واڌ واري مرحلي کان اڳتي وڌي آھي، نتيجي ۾ يونيورسٽين ۾ تبديلي اچي رهي آهي، خاص ڪري پڙھائي جي نون ۽ بھتر طريقن لاڳو ڪرڻ لاءِ گھرج ۾ اضافو ٿيو آهي.

تعليم جي بھتري لاءِ گھڻ رخي ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آھي. سرڪاري پاليسيون بنا ڪنھن ڊائريڪشن جي ٺاھيون وڃن ٿيون. ٻيو ته انھن ۾ تسلسل نه آهي. حڪومت جي بي ڌياني وڏو سبب آھي. ملڪي يونيورسٽين ۾ ملندڙ تعليم ۽ انڊسٽري لاءِ گھربل تعليمي قابليت جي پاڻ ۾ ھم آھنگي نه آهي. تعليمي ادارن جو پاڻ ۾ ربط ڪونھي. پرائمري، سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري تعليم ۽ يونيورسٽين ۾ ملندڙ تعليم جو پاڻ ۾ سھڪار ناھي. بنيادي تعليمي معيار تمام پٺتي پيل آھي. اھڙي صورتحال ۾ اعليٰ تعليم جي بھتري جي گھر ٻٻرن کان ٻير گهرڻ، ڪچي پيڙھه تي پڪي عمارت جوڙڻ آھي. جيڪا ڪنھن به طرح پائيدار نه ھوندي آھي. ڪجھه ادارا شاگردن کي اڳين ڪلاسن ۾ داخلا ڏيڻ کان اڳ بنيادي تعليم جي تربيت ڏين ٿا. جيستائين بنيادي تعليم بھتر ٿئي سڀني اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ساڳئي قسم جا پروگرام ھلايا وڃن. حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ادارن ۾ پڙھائي جو ھڪ جھڙو معيار قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي ته جيئن انھن ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي بھتر تعليم ملي سگهي. تعليمي بھتري جي ذميواري استاد تي به اوتري اچي ٿي. ڇوته تعليمي سڌاري جي ڪوششن ۾ استاد جو مکيه ڪردار بڻجي ٿو. شاگردن جي سکيا، تعليمي معيار ۽ ڪاميابيءَ جو دارومدار بنيادي طور تي استادن جي صلاحيتن ۽ جذبي سان جڙيل آهي.

اھوئي سبب آھي جو قديم زماني کان علم جي روشني ڏيندڙ شخص کي تمام گهڻو مان مرتبو ڏنو ويو آهي. آڳاٽي زماني ۾ جيڪي عالم ھئا، اھي استاد بڻيا. مختلف مذھبن جي عالمن ۽ پيغمبرن علم سيکاريو. ان زماني ۾ عالم/پادري حڪمرانن ۽ اميرن جي ٻارن کي ڪردار، اڳواڻيءَ ۽ واپار جا گر سيکاريندا هئا. تنھن زماني ۾ پڙھائيندڙن جو درجو سماج جي ڪيترن ئي طبقن کان مٿاهون ليکو ويندو هو. ان زماني کان استاد جو تمام گهڻو قدر ۽ احترام ٿيڻ لڳو. ان زماني ۾ استادن جو احترام سندن علمي صلاحيتن جي مناسبت سان هو. ڪنفيوشس (561 ق.م)، تاريخ ۾ پهريون خانگي استاد ٿيو. ڪنفيوشس کي سندس اعليٰ صلاحيتن سبب ٻين استادن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عزت ملي. هو شاگردن کي سندن مضمونن پڙھائڻ سان گڏ، نظم و ضبط، ذميوارين، اخلاقي قدرن جو درس ڏيندو هو. اڄوڪي دور ۾ به استادن جي ذميواري بڻجي ٿي ته اھي شاگردن کي بھتر ۽ معياري تعليم ڏيڻ ۾ پنھنجو فرض نڀائين. ڇوته “هڪ سٺو استاد سڄي دنيا کي ڪلاس روم ۾ آڻي سگهي ٿو”. استاد شاگردن جي پڙھائي ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻ رخو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

ليڪن موجوده دور ۾ ڏٺو وڃي ته استاد جي شخصيت متاثر ٿي آهي. پڙھائڻ کي پيغمبري پيشو چيو ويندو آهي. پر بدقسمتيءَ سان ھي عظيم پيشو جديديت، سياسي مداخلت، ذات پرستيءَ، بدعنواني ۽ ٻين غيرقانوني ذريعن (سفارشن، ڪاپي، ڪوڙين ڊگرين، رزلٽن ۾ تبديلين) سبب سماج ۾ پنھنجو مقام وڃائي رھيو آھي. اھو بدلجندڙ سماجي رويو، عدم جوابدھي ۽ احتساب جي کوٽ، جديديت جي اثر، جنسي ھراسمينٽ جي واقعن سبب استاد جو احترام زوال جو شڪارآهي. استاد کان اھا توقع رکي ويندي آهي ته ھو ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي پنھنجي اولاد وانگر شاگردن جي مستقبل لاءِ فڪرمند ھجي. ان جي برعڪس ڪيترائي استاد نسبتن ذاتي مفاد کي وڌيڪ اھميت ڏين ٿا. استاد نوڪريءَ کي صرف روزگار جو ذريعو سمجھن ٿا. کيس پنھنجي ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ مستقبل جو اونو وڌيڪ آھي. جيڪو فطري به آھي ته سماجي ۽ شعوري طور غلط به ناهي. ليڪن مسئلو تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن استاد پنھنجي پيشي سان سچائي نٿو ڪري، پڙھائڻ کان ڪيٻائي ٿو، وڌيڪ محنت نٿو ڪري. استاد جي نه پڙھائڻ سبب شاگردن جو علمي نقصان ٿئي ٿو، جنهن ڪري شاگردن جي پڙھائي ۾ دلچسپي گھٽجي ٿي. استاد شعور ڏيندڙ ھوندو آھي. ھن کان بھتر تعليم ۽ پيشواراڻي طور ذميوار ھجڻ جي توقع رکي ويندي آهي.

سٺن استادن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ھجن ٿيون. هڪ سٺو استاد شاگردن لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو. سچائيءَ ۽ محنت سان پڙھائڻ واري استاد کي شاگردن کان وڌيڪ موٽ ملندي آهي. جنھن ڪري سٺن استادن کي شاگرد سڄي ڄمار قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جيڪڏهن استاد غير اثرائتو آهي، ته ان استاد جي سرپرستيءَ هيٺ شاگرد، تعليمي لحاظ کان نامناسب ترقي حاصل ڪندا. اگر استاد منفي سوچ، بنا تياريءَ، يا چيڙاڪ آهي ته اهي خاصيتون ھن جي شاگردن جي روين ۾ به ظاهر ٿينديون. بھتر استاد پڙھائڻ لاءِ اثرائتو ۽ آسان طريقو اختيار ڪرڻ، نصاب ترتيب ڏيڻ ۽ ڪلاس روم جو مؤثر طريقي سان استعمال ڪندو آهي. ھي شاگردن ۾ پڙھائي لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيندڙ، مھارت ڏيڻ کان سواءِ، شاگردن کي سماجي، ثقافتي، معاشي، ماحولياتي، مقامي توڙي عالمي حقيقتن کي سمجھائي ٿو. شاگردن کي  زندگي گذارڻ لاءِ ضروري قدر سيکاري ٿو. استاد کي پنھنجي صلاحيتن جو گھڻو خيال رکڻو پوندو. تحقيق موجب استادن جي صلاحيتن جو شاگردن تي تمام گھڻو اثر ٿئي ٿو. استاد ڪلاس ۾ ڇا ٿو پڙھائي اھو به تمام اھم آهي.

پڙھائي جي معيار جي ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن ۾ ھڪ وڏو سبب استادن جي تربيت جي کوٽ به آهي. نوڪري بعد استاد بنا ڪنھن تربيت جي پڙھائي ٿو. پڙھائڻ ھڪ فن آھي جنھن لاءِ دنيا ۾ لائسنس ڏنو ويندو آهي، ليڪن ھتي اڪثر يونيورسٽين وٽ اھڙي تربيت جي کوٽ آهي. تربيت جي ضرورت ان ڪري به وڌيڪ آھي ڇوته پڙھائي جا طور طريقا مٽجي رھيا آهن. اسان وٽ ساڳيو پراڻو طريقو رائج آھي. ان کان علاوه سنڌ جي اڪثر وڏين يونيورسٽين ۾ استادن جي تمام گهڻي کوٽ آھي. جتي سالن کان نيون مقرريون نٿيون ڪيون وڃن. جنھن جو وڏو سبب انھن تعليمي ادارن جا معاشي بحران ۽ اتي مقرر وائيس چانسلرن جون پنھنجيون مجبوريون آهن. انھن ادارن ۾ استادن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ عارضي طور تي ٽيچنگ اسسٽنٽ جي نالي سان استاد مقرر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ڪن ادارن ۾ فيڪلٽي جو چاليهه سيڪڙو تائين آھن. انھن کي پگھار بمشڪل 500 رپيا ڏھاڙي ڏني ويندي آهي. قابل ذڪر ڳالھه اھا آھي ته انھن ٽيچنگ اسسٽنٽن جي پڙھائيل شاگردن کي ڊگريون ته ڏنيون وڃن ٿيون ليڪن انھن جو پڙھائي وارو تجربو مڃڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ لکين شاگرد ساليانو انھن يونيورسٽين جي سلھاڙيل ڪاليجن ۾ پرائيويٽ امتحان ڏين ٿا. جن ۾ ڪيتريون ئي ڊگريون شامل آهن.

انھن سڀني امتحانن جي معيار جي سڀني کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آھي. يونيورسٽين ۾ تعليم جي تباهيءَ جو وڏو سبب ڪوڙيون ڊگريون ڏيڻ، ليجرن ۾ نتيجا مٽائڻ به آهي. ڇوته جڏهن شاگردن کي بنا محنت جي چند پئسن عيوض ڊگريون ملن ٿيون ته پوءِ ھو پڙھڻ جي تڪليف ڇو ڪندو. جيتوڻيڪ معيار ڪا منزل نه ھوندي آهي، پر اھو ھڪ مسلسل سفر ھوندو آهي. معيار جو مطلب، صحيح شيون صحيح ڪرڻ ھوندو آھي. تعليم ۾ معيار جو مطلب صحيح شيون سکڻ ۽ انهن کي چڱي طرح سکڻ آهي. ليڪن صحيح شيون اڌ چڱيءَ طرح سکڻ سٺو نه ھوندو آهي. ھينئر معيار لفظ اعليٰ تعليم ۾ اهم بڻجي چڪو آهي. اڄ معيار کي نظر انداز ڪرڻ اعليٰ تعليم جي نظام لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. ڇوته عالمي معيشتن تائين رسائي جو دارومدار معيار ۽ پيداوار تي وڌيڪ هوندو آهي. اعليٰ تعليمي معيار استادن ۾ وڌيڪ پيشه ور صلاحيتن پيدا ڪرڻ سان حل ٿي سگهي ٿو. اعليٰ تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ملڪ ۽ سڄي دنيا جي ترقيءَ جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ اهم آهي. سرڪاري يونيورسٽيون ساڳئي قانون ۽ اختيار تحت ھلن ٿيون. اتان جا وائيس چانسلر سرڪار مقرر ڪري ٿي ته پوءِ تعليمي معيار ۾ فرق ڇو آهي. بھتر ڪارڪردگيءَ وارن تعليمي ادارن وٽ جيڪي مھارتون يا فارمولا آھن ان مان سڀني تعليمي ادارن کي فيضياب ڪيو وڃي. جيڪي ڪامياب ادارا آھن انھن متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ته آخرڪار ھن وٽ ڪھڙي ڪرامت آھي جيڪا ٻين سربراهن وٽ ناھي. ڇوته علم ورھائڻ سان گھٽبو ناھي ۽ سرڪاري ادارن درميان جڏھن مقابلي بازي ناھي ته پوءِ اھي ھڪ ٻئي کي تعليمي بھتري لاءِ سھڪار ڇونه ٿا ڏين. اميد ڪجي ٿي ته يونيورسٽين ۾ طبقاتي تعليمي نظام جو خاتمو آڻي اڪثريت شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ حڪومت ڪوششون وٺندي.