ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ اندر پاور شعبي جي پاليسي بدلائڻ جي ضرورت آهي، پاور سيڪٽر ۾ بحران سبب اٽڪل 3 لک مزدور بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهن. صنعتون بند ٿي رهيون آهن، ايل اين جي ۽ فرنيس آئل غائب آهن، ملڪ معاشي بحران طرف وڃي رهيو آهي، خراب انتظام ۽ نااهلي عروج تي آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي ٽن سالن ۾ ناڻي جا 4 ۽ توانائي جا3 وزير تبديل ٿي چڪا آهن، هن چيو ته وفاق بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته واپاري خسارو (ٽريڊ ڊفيسٽ) 23 کان وڌي 30 ارب رپيا ٿي ويو آهي، هن چيو ته پاور سيڪٽر معيشت ٺاهڻ يا ڊاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري بجلي ۽ گئس جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ ضروري آهي، اسلام آباد مان ڪراچي يا جيڪب آباد جو گيس سسٽم درست ڪرڻ ممڪن ناهي، هن چيو ته وزيراعظم کي گهرجي ته توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪري، سنڌ وٽ توانائي جي بحران جو حل موجود آهي .