ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ھاءِ ڪورٽ نصير آباد واسي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ سندس زال فوزيه پاران داخل ڪيل درخواست تي وفاقي، صوبائي حڪومتن توڙي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 جولائي تائين جواب طلب ڪري ورتو. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار فوزيه نوناري عدالت کي ٻڌايو ته منھنجو مڙس 26 جون کان گم آھي، سينگار جيڪڏھن ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان سينگار جي گم ٿيڻ بابت نصيرآباد ٿاڻي ۾ به درخواست ڏني، سينگار کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کنڀي گم ڪيو آھي، سينگار کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻئي پاسي سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري رکيو ويو. ان ڏس ۾ نصيرآباد جا رھواسي سياسي سماجي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري لاء سراپا احتجاج اٺين ڏينھن به سوين عورتن ٻارڙن پورھيتن جي احتجاجي ريلي ڇتي نعريبازي ڪندي جي ايم سيد چوڪ تي ڌرڻو ھنيون ان موقعي تي مصطفا نوناري مرتضا چانڊيو عابدھ چنا ھيرنوناري نجي الله چنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي حڪمرانن فلسطين بڻائي ڇڏيو آھي مشرف جي دئور کان وٺي ھن وقت تائين سوين سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته آخرسنڌ جي ماڻھن جو ڪھڙو قصور ڪيو آھي ڇا وطن جي وارثي حقن لاء آواز اٿارڻ گناھ آھي جي گناھ آھي ته اسان اھڙو گناھ ڪندا رھنداسين ڌرتي ڌڻين لاء ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ۽ انھن کي آواز اٿارڻ تان کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته 8ڏينھن اڳ نصيرآباد جي نوناري محلي مان کنڀي گم ڪيل سينگار نوناري سڄي زندگي پورھيتن مزدورن ھارين جي حقن لاء جدوجھد ڪئي آھي ان کي کنڀي گم ڪرڻ ظلم ۽ نا انصافي آھي ھنن چيو ته رياست ماء بدران سنڌي ماڻھن سان ڏائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي ۽ ھي ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي ڦوري طور تي سينگار سميت کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي هوڏانهن ڪشمور ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن سعيد کوسو، فاروق نائچ، مھر دين جکراڻي ۽ محمد علي کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. باڊھه ۾ اپنا نوناري جي اڳواڻن ذوالفقار نوناري، اسد نوناري، فهد نوناري اويس نوناري، عادل نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته ٺل ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين اپنا، ايس ٽي پي ۽ جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.