باڊهه ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري گهر پهچي وئي

0
224
باڊهه ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري گهر پهچي وئي
باڊهه ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري گهر پهچي وئي

باڊهه (ن پ ا) باڊهه ڀرسان ٻه ڏينهن اڳ نئون ڳوٺ مان مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري خورشيد خاتون سومرو بازياب ٿي گهر پهچي وئي  آهي

گهر پهتل ناري جو چوڻ آهي ته مون کي صابر گاڏھي پنهنجي ساٿين جي مدد سان زبردستي اغوا ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ رهايو، اڄ صابر گاڏھي موٽر سائيڪل تي کڻي نئون ڳوٺ ڀرسان سم شاخ موري وٽ ڇڏي ويو

 

ناري جو چوڻ آهي ته صابر گاڏهي کيس خاموش رهڻ لاءِ موت مار ڌڪيون ڏنيون آھن، جوابدار زيادتي ڪرڻ  جي ڪوشش به ڪئي پر مزاحمت ڪري پنهنجي لڄ بچائي

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ناري جي ڀاءُ صدرالدين سومرو باڊهه ٿاڻي تي ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي صابر گاڏھي سندس والد عنايت عرف مور گاڏھي ۽ هڪ نامعلوم مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو

هوڏانهن پوليس موجب بازياب ٿيل ناري کي اڄ لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

 

ھي به پڙھندا

نوابشاهه:  جعلي چيڪ ڏيڻ تي اڳوڻي ايم پي اي کي 3 سال قيد جي سزا