ميروخان (ن پ ا ) ميروخان پوليس ڇاپو هڻي 18 جوارين کي سڳ سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڳوٺ ٺوڦ چوسول ۾ ڇاپو هڻي  پير بخش ڀٽي، شاهنواز ڪولاچي، مھتاب جمالي، رجب جتوئي، ياسين جتوئي سميت 18 جوارين کي تاش جي پتن، هزارين رپيا روڪ رقم ۽ 5 عدد موبائيل سيٽن سميت گرفتار ڪري ميروخان ٿاڻي تي آڻي گرفتار  جوارين مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هاڻي ڪورٽ مان ضمانت بعد آزاد ٿي سگهندا.