باڊھه (ن پ ا) باڊھه واسي ڀاڳيو عبدالخالق ملاڻو مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، جڏهن ته وارثن کان ڌاڙيلن پاران 0 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻي جي وارثن ٻڌايو ته عبدالخالق کي رحيم يار خان ڀرسان ماڇڪو جي علائقي واسي ملاح برادري جي هڪ شخص مينهن جي علاج لاءِ فون ڪري گهرايو هو، جنهن کيس اغوا ڪرايو آهي، هنن چيو ته اسان غريب آهيون، ڌاڙيلن 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، نوٽيس وٺي ڳوٺاڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، جڏهن ته ايس ايچ او باڊھه رحيم بخش ڪلهوڙو عبدالخالق ملاڻو جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو ته آهي ته اسان ڀُنگ گهرندڙن جو موبائل نمبر ٽريس ڪيو آھي، جنهن جي لوڪيشن ماڇڪو رحيم يار خان پنجاب مان ملي آھي، مغوي جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آھيون.