پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻن دوستن کي شڪارپور جي چڪ پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته چڪ پوليس پنوعاقل مان مھينو اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن ذاڪر شاھ ۽ جميل ورند کي بازياب ڪرائي ورتو آهي،جن کانپوءِ مغوي نوجوانن جي وارثن سان چڪ پوليس رابطو ڪيو آھي، جن کي وٺڻ لاءِ وارث سکر پوليس سان گڏجي چڪ روانو ٿي ويا آھن، ٻي پاسي ايس ايس پي سکر عرفان سمون پاران پڻ مغوي نوجوانن جي بازيابي جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، جڏھن ته سانگي ٿاڻي جي پوليس پاران پڻ تصديق ڪندي چيو آھي ته مغوي نوجوانن کي سي آئي اي انچارج ۽ سانگي پوليس چڪ پوليس سان گڏجي بازياب ڪرايو آھي.