باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران ذريعي پاڪستان اڳتي وڌي، پر عمران سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو: وزير اعظم

0
183
باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران ذريعي پاڪستان اڳتي وڌي
باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران ذريعي پاڪستان اڳتي وڌي، پر عمران سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنرل باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران خان جي ذريعي پاڪستان اڳتي وڌي، پر عمران خان دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ۽ سي پيڪ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته عمران خان وزيراعظم طور ناڪام رهيو، جنرل باجوا جنهن ريت عمران خان جي مدد ڪئي اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي
هن چيو ته اڄ عمران خان جنرل باجوا لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪري رهيو آهي، عمران خان کان وڏو منافق ۽ احسان فراموش شخص ڪڏهن نه ڏٺو
وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گار گند ۾ عمران خان جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان پنجاب اسيمبلي نه ٽٽڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ ايم پي ايز کي استعيفائون ڏيڻ جي هدايت

فوج قربانيون ڏئي رهي آهي، رڳو 2 يا 3 ماڻهو انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ آهن: عمران خان