نيوٽرلز پنجاب ۾ پ پ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪن پيا: عمران خان

0
217

لاهور: پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪري رهي آهي، نيوٽرلز پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، اعتماد جي ووٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ اسان کي نيوٽرل نظر نه پئي اچي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور ۾ ڪورٽ رپورٽرز سان ملاقات دوران چيو ته هن وقت تائين ٽن ميمبرز ٻڌايو آهي ته ساڻن رابطو ڪيو پيو وڃي، پرويز الاهي اسان کي موقف تان هٽڻ جو نه ٿو چئي سگهي، اسان جي ويڙهه اسٽيبلشمنيٽ سان نه پر انصاف لاءِ آهي

هن چيو ته چورن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، اقتدار ۾ آياسين ته فوري طور مڪاني چونڊون ڪرائينداسين، جنرل باجوه ڪرپشن کي خراب نه سمجهندو هو ان لاءِ ئي سمورا ڪيس ختم ٿي ويا

هن چيو ته لوٽن جي ايڪسپائيري تاريخ ختم ٿي چڪي آهي، باپ پارٽي کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، شهباز شريف کي جينيئس سمجهندو هئس  هاڻي ڏسو ڪهڙو حال ٿيو اٿس

هي به پڙهندا

https://thetimenews.tv/%d8%a8%d8%a7%d8%ac%d9%88%d8%a7-%da%aa%d9%88%d8%b4%d8%b4-%da%aa%d8%a6%d9%8a-%d8%aa%d9%87-%d8%b9%d9%85%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%b0%d8%b1%d9%8a%d8%b9%d9%8a-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%a7/

عمران خان وڌيڪ چيو ته  رجيم چينج ۾ حسين حقاني ملوث هو، حسين حقاني امريڪا ۾ جنرل باجوه جي حق ۾ ۽ منهنجي خلاف ڪم ڪندو هو

هي به پڙهندا

https://thetimenews.tv/%d8%a7%da%b3%d9%88%da%bb%d9%8a-%d8%b5%d8%af%d8%b1-%d8%a2%d8%b5%d9%81-%d8%b9%d9%84%d9%8a-%d8%b2%d8%b1%d8%af%d8%a7%d8%b1%d9%8a-%da%86%d9%88%d9%86%da%8a%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d8%aa%d9%8a%d8%a7/