گمبٽ (ن پ ا) اڳڙا ڀرسان ڳوٺ مهتاڻي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جسڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي بعد ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان اڳڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته پوليس ٻنهي ڌرين جي هڪ_ هڪ ماڻهو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻي طرف پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاج ڪندي سعيده خاتون جسڪاڻي،نسيم خاتون جسڪاڻي چيو ته ڳوٺ مهتاڻي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن تان جوابدارن گھر تي حملو ڪري گھر ۾ منهنجي والد، والده، ڀيڻ , ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن اياز جسڪاڻي واري ڌر پاران به مهتاڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ايس ايڇ او اڳڙا ٻڌايو ته ٻارڙن جي معملي ڳالهه تي جسڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو آهي.ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻنهي ڌرين جا 2 ماڻهو گرفتار ڪيا آهن.