شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ معمولي ڳالهه تان لاکا ۽ ڀٽي برادري ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي، ڀٽي برادري جا 11 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ان سلسلي ۾ شھر جي هنڱورا روڊ تي لاکا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون، لوهي راڊ ۽ فائرنگ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي سِمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 40 ورهين جو شخص گل حسن لاکو زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته زخمي وسيم بڙدي، غلام حسين لاکو ۽ طاهر لاکو کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو، جهيڙي بعد ٻنهي ڌرين جا وڏي انگ ۾ ماڻھو اسپتال پهتا جتي جهيڙي جي خدشي سبب پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي. جڏهن ته پوليس جهيڙي ۾ مارجي ويل شخص جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر عرفان ڳرواڻ موجب گولي ساڄي ڪلهي کان لڳي ڦڦڙن ۾ هلي وئي جنهن سبب موت واقع ٿيو ۽ گولي 10 فوٽن جي مفاصلي کان لڳي آهي. مقتول جي وارثن موجب 2 ڏينهن اڳ ٻارن جي ڳالهه تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد ڀٽي برادري جي ماڻھن هٿياربند ۽ ڏنڊا بردار ٿي اسان مٿان حملو ڪيو ۽ گوليون هڻي گل حسن کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ٿاڻي جي انچارج طفيل ڀٽو موجب جهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن ۽ مقتول جا وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته لاکا برادري ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن پوليس مقتول جي ڀائٽي ممتاز لاکو جي فرياد تي 4 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو. ڪيس ۾ ڪيس ۾ لياقت، شوڪت، عنصر ۽ رحمت ڀٽي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪندي ٽن جوابدارن لياقت، شوڪت، عنصر ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو.