ٽنڊو غلام علي/ نئون دمبالو (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي ويجهو ڪپري موريءَ ڀرسان ڳوٺ ڪارو چانگ ۾ چانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان ٿيل جھيڙي دوران هٿياربند جوابدارن 30 سالن جي نوجوان محبوب چانگ کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي ٽنڊو غلام علي پوليس واردات واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊو غلام پهچايو. ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ خان محمد چانگ ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي بااثر گلو ۽ احمد چانگ بڇ ڪري جوابدار گلزار چانگ هٿان قتل ڪرايو آھي. ان حوالي سان ايس ايچ او ٽنڊو غلام علي عاشق علي لنڊ ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ درج ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. قتل جي واردات بعد ڳوٺ ۾خوف ۽ سوڳ ڇانيل آھي.