اڳي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳالهين لاءِ چيو ويندو هو، هاڻي هٿوڙي جي زور تي مجبور ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

0
171
ٻن صوبن ۾ دهشتگردي آهي، چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ فضل الرحمان
ٻن صوبن ۾ دهشتگردي آهي، چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ فضل الرحمان

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنهن شخص کي سياست مان ٻاهر هجڻ گهرجي ان کي سياست جو محور بڻايو پيو وڃي، عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ اليڪشن جي تاريخ تي اتفاق ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، جبري فيصلو مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام جي عدالت ۾ وينداسين

ڊي آءِ خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳي هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳالهين لاءِ چيو ويندو هو، هاڻي هٿوڙي جي زور تي ڳالهين لاءِ چيو پيو وڃي، انصاف قبول آهي پر توهان جو هٿوڙو قبول نه ڪنداسين، جنهن عدالتي بينچ تي پارليامينٽ بي اعتمادي ظاهر ڪئي، ان بينچ آڏو ڪيئن ٿا پيش ٿي سگهون

فضل الرحمان چيو ته عدالت جنهن اختيار جو داٻو ڏيکاري رهي آهي اهو اختيار هن وٽ رهيو ئي نه آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري، عدالت کي پارليامينٽ جي ايڪٽ جو احترام ڪرڻو پوندو

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي ته هو عدالت آهي يا پنچائت آهي؟

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جو 14 مئي وارو فيصلو واپس نه ٿيندو: سياسي اڳواڻ عيد بعد نه اڄ ئي ڳالهيون ڪري ٻڌائين:چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ اندر هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت ٻڌڻي جاري: سياسي قيادت موجود

بلاول ڀٽو 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جو دورو ڪندو: پرڏيهي کاتي پاران تصديق