سپريم ڪورٽ جو 14 مئي وارو فيصلو واپس نه ٿيندو: سياسي اڳواڻ عيد بعد نه اڄ ئي ڳالهيون ڪري ٻڌائين:چيف جسٽس

0
187
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو واپس نه ٿيندو، سياسي اڳواڻ عيد کانپوءِ نه پر اڄ ئي ويهي ڳالهيون ڪن

سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي تجويز سان اتفاق ڪيو، خوشي آهي ته سمورن ليڊرز آئين جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي آهي

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻيءَ ۾ اڄ شام 4 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو، سراج الحق، شاهه محمود قريشي، قمر زمان ڪائرا، شيخ رشيد ۽ اٽارني جنرل سميت ٻيا اڳواڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿاعدالتي سُڌارن واري بِل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو حڪم

عدالت پاران وزير اعظم شهباز شريف، عمران خان، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، اسفند يار ولي، چوڌري شجاعت حسين  ۽ ٻيا اڳواڻ به طلب ڪيا ويا هئا

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس  چيو ته سراج الحق صاحب اوهان سٺو  ڪم ڪري رهيا آهيو، اوهان کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، الله اوهان کي ڪامياب ڪري

 سراج الحق چيو ته سياسي جماعتن جي جهيڙي سان نقصان رڳو غريب عوام جو آهي، دنيا حيران آهي ته ايٽمي ملڪ جو عوام اٽي جي ٿيلهي پويان ڊوڙي رهيو آهي،  آئين 90 ڏينهن اندر اليڪشن جو چيو آهي پر ڪنهن هڪ شخص جي مرضي  نه پر سموري جماعتن پاران اتفاق ٿيڻ گهرجي

سراج الحق چيو ته  مون کي چيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ اوهان کي ڪٿي اڳتي ته ناهي رکيو، مون جواب ڏنو ته مون کي ڪنهن به ڪجهه ناهي چيو، پنهنجي مرضي سان ڪم ڪري رهيو آهيان، سراج الحق قرباني واري عيد کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز به پيش ڪئي

هي به پڙهندا

اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: خواجا آصف