سنڌ ۾ 189 پوليس مقابلا: 19 ڌاڙيل مارجي ويا: 136 شهرين کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ

0
237
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: آءِ جي سنڌ
ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: سنڌ ۾ ٽن مهينن  دوران پوليس پاران 189 مقابلن دوران 19 ڌاڙيل ماريا ويا، گهوٽڪي ۾ 5، سکر ۾ 8 ۽ ڪشمور ۾ 6 ڌاڙيل مارجي ويا

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين بابت پوليس جي 3 ماهي رپورٽ پيش ڪئي وئي

اي آءِ جي آپريشنز سنڌ پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته  گهوٽڪي ۾ 4، سکر ۾ 27، ڪشمور ۾ 3 ۽ شڪارپور ۾ 5 ڌاڙيل زخمي ٿيا

رپورٽ موجب ڪچي وارن علائقن ۾ ڪاررواين دوران 208 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، گهوٽڪي مان 45، سکر مان 51، ڪشمور مان 9 ۽ شڪارپور مان 103 ڌاڙيل گرفتار ٿيا

رپورٽ موجب گهوٽڪي مان 11، سکر مان 5، ڪشمور مان 90 ۽ شڪارپور مان 30 شهرين کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو