سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جو اڳوڻو بيٽسمين مائيڪل سليٽر کي گهريلو تشدد ڪيس ۾ مينشل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي سرڪاري ميڊيا موجب سڊني جي عدالت ذهني صحت جي بنياد تي هن خلاف گهريلو تشدد جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.  واضح رهي ته 52 سالن جي مائيڪل سليٽر تي اڳوڻي گهر واري کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ جو الزام آهي. عدالتي حڪمن تحت مائيڪل سليٽر 3 هفتن لاءِ مينٽل هيلٿ يونٽ ۾ رهندو جتي هن جو علاج ڪيو ويندو.