ايمسٽر ڊيم(اسپورٽس نيوز) يورپ جي دوري دوران پاڪستاني هاڪي ٽيم کي ٻي ميچ ۾ نيڌرلينڊ 1-4 تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪم بيڪ ڪندي 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ٽئين ۽ فائينل ميچ اڄ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ بريڊا ۾ کيڏيل ٻي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ گول ڪري برتري حاصل ڪئي پر ان کانپوءِ هالينڊ جي رانديگرن ڪم بيڪ ڪندي گول برابر ڪيا. هاف ٽائيم تي ميچ هڪ هڪ گول تان برابر رهي. ٽئين ۽ چوٿين ڪوارٽر ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم وڌيڪ 2 گول ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ مستحڪم ڪيو ۽ راند جي پڄاڻيءَ تائين هڪ جي مقابلي ۾ 4 گول ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪئي. ان کان اڳ پهرين ميچ ۾ پاڪستان نيڌرلينڊ کي 3 جي مقابلي ۾ 5 گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.