اڪشي ڪمار باليووڊ اداڪارا کي چري قرار ڏئي ڇڏيو

0
273

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ ايڪشن هيرو اڪشي سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل هڪ مختصر وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.ويڊيو ۾ هما قريشي کي ميوزڪ تي ڊانس ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته اڪشي ڪمار ويڊيو ۾ هُما قريشي جي پٺيان ظاهر ٿي هما قريشي کي اشارن واري ٻولي ۾ چريو قرار ڏئي رهيو آهي.وڊيو سان شيئر ڪيل ڪيپشن ۾ اڪشي ڪمار هما قريشي جي ساراهه ڪئي ۽ لکيو ته هوءَ مڪمل طور تي چري، دلين جي راڻي ۽ هڪ شاندار اداڪاره آهي!پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڪشي هما قريشي کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته جيتوڻيڪ هما جي فلمي صورت مونکان گهٽ آهي پر سندس اداڪاري جي صلاحيت تمام گهڻي آهي.ڀارتي اداڪار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مداحن کي هما قريشي جي فلم بيل باٽم ڏسڻ تي زور ڏنو.اڪشي ڪمار جي شيئر ڪيل ويڊيو کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ هڪ لک کان مٿي ماڻهو ڏسي چڪا آهن.واضح رهي ته اڪشي ڪمار جي فلم بيل باٽم هن سال 19 آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي جنهن ۾ اداڪاره هماڪرشي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي.