پاڪ-ويسٽ انڊيز ٽيسٽ دنگل: شاهين پهرين اننگز ۾ 217 رنز تي آئوٽ

0
192

جميڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 2 ميچز تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم 217 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. جميڪا ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان طرفان اوپنر عمران بٽ 11 ۽ عابد علي 9 رنز ۽ اظهر علي 17 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪپتان بابر اعظم 30 ۽ فواد عالم 56 رنز ٺاهيون. فهيم اشرف 44 رنز جي اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 23 رنز ٺاهي پويلين موٽيو. ويسٽ انڊيز طرفان جيڊين سيلز ۽ جيسن هولڊر 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ڪيمار روچ 2 ۽ ڪائل مائيرز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز جا 2 رانديگر 2 رنز تي پويلين موٽي ويا، پاڪستان طرفان ٻئي وڪيٽون محمد عباس ورتيون. برسات سبب پهرين ڏينهن 90 اوورز جي راند پوري نه ٿي سگهي. ٽاس جي موقعي تي پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم چيو هو ته اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پاڪستاني ٽيم ۾ عابد علي، عمران بٽ، اظهر علي، بابر اعظم، فواد عالم، مـحمد رضوان، فهيم اشرف، ياسر شاهه، حسن علي، محمد عباس ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.