اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ۾ ڳوٺ علي شيرشر واسي اختر حسين احتجاج ڪندي چيو ته ويڳا ڀائر نائب علي شاد، عقيل، عمران ۽ پوليس اهلڪار پرويز شر والد جي حصي مان مليل زرعي زمين آباد ڪرڻ نه ٿاڏين. هن چيو ته والد جي فوت ٿيڻ بعد اسان کي ڪلراٺي سيڪ واري زمين حصي ۾ ڏني ويئي ۽ والد جي وفات بعد ابي تي قرض هئڻ جو جواز ڄاڻائي لکين روپين جو چوپايومال هڙپ ڪري ويا، ويڳن ڀائرن جي زيادتين کان بچايو وڃي.