لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ افشان پنهور پنهنجي مڙس عبدالوحيد پنهور سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته 2 اپريل تي عبدالوحيد پنهور سان شادي ڪئي آهي، مان پنهنجي مڙس سان خوش زندگي گذاري رهي آهيان پر مائٽ ڏمرجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جنهن سبب دربدر آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.