اڳڙا (ن پ ا) اڳڙا جي ڳوٺ فقير نانڪ يوسف جي رهواسڻ ڪائنات ملاح صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هڪ سال اڳ عبيد ملاح سان نڪاهه ڪيو عيوض ۾ سندس ڀيڻ جو نڪاهه منهنجي ڀاءُ سان ٿيو پر شادي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مڙس عبيد ملاح ۽ سهرو شمن ملاح تشدد ڪندا هئا، ظلمن کان تنگ ٿي جان بچائي ابي امان جي گهر ۾ رهيس ته هو پنهنجي ڇوڪري به وٺي ويا ۽ هاڻي هو مون کي مارڻ چاهن ٿا، هو منهنجي وارثن کي هراسان ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون درخواستون پوليس ۾ ڪن پيا. تحفظ ڏئي ۽ ڪوڙن ڪيسن کان بچايو وڃي منهنجا ڀائر مسڪين مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ آهن خداوسطي اسان جي مدد ڪئي وڃي.